ڀاڳت فقير

ڀاڳت فقير: ڀاڳت فقير عرف فريد ڀاڳت، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو اعتماد وارو شخص ۽ پنهنجي دور جو وڏو بهادر ۽ اعليٰ صفتن جو مالڪ هو. جڏهن ميان صاحب پنهنجي طاقت کي وڌائڻ شروع ڪيو ته فريد ڀاڳت کي حڪم ڪيائين ته درياهه جي ٻئي ڪناري وارو علائقو حاصل ڪري. فريد ڀاڳت سندس حڪم جي بجا آوري ڪندي پهرين موري جو مڪان هٿ ڪيو، جيڪو شهر بعد ۾ مورو سڏجڻ لڳو ۽ هن وقت ضلعي نوشهري فيروز جو اهم شهر آهي.


لفظ ڀاڳت فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو